حاجي عبدالستار

حاجي عبدالستار

حاجي عبدالستار

حاجي عبدالستار: بزرگ سماجي خدمتگار عبدالستار ولد محمد خان مري ڳوٺ باقر خان مري، ضلعي نوشهري فيروز ۾ 1938ع ۾ جنم ورتو. ننڍي عمر جو هو ته سندس والد وفات ڪري ويو، ان بعد پنهنجي والده جي سنڀال هيٺ رهيو. پنهنجي علائقي جو پهريون شخص هو، جنهن سنڌي فائنل تائين تعليم حاصل ڪئي. لاکا روڊ شهر ۾ پهريون ڀيرو 1982ع ڌاري هـڪ هـاءِ اسـڪول قائم ڪرايائين. ان کان سواءِ ڳوٺ باقر خان مري (1987ع)، قيصر مريءَ (1990ع)، رانجهي خاصخيليءَ ۾ پرائمري اسڪولن ۽ گرلز اسڪولن جو قيام عمل ۾ آندائين. سماجي خدمت ابتدا کان وٺي سندس نصب العين رهيو. 1988ع ۾ ڳوٺ ۾ بجلي ۽ ٻيون سهولتون منظور ڪرائڻ سميت ڪيترن ئي نوجوانن جا پڙهائيءَ جا خرچ ذاتي طرح ڀري کين اعليٰ مقام تي پهچايائين.
والد جي وفات بعد هن ننڍي عمر ۾ انتهائي غربت ۾ گذاريو. ننڍي ڀاءُ جي پرورش ڪري کيس پڙهايو، جيڪو هن وقت پروفيسر آهي ۽ وٽس هڪ عاليشان لائبريري آهي، جنهن ۾ مولانا عبيدالله سنڌيءَ جا قلمي نسخا ۽ ٻيو تاريخي مواد موجود آهي.
1953ع دوران حاجي عبدالستار سنڌي فائنل پاس ڪرڻ کان پوءِ ضلعي سانگهڙ ۾ ماستر ٿيو، پر سماجي خدمتن ۾ سرگرم هئڻ ڪري هن اڳتي هلي نوڪري کي ترجيح نه ڏني. هن ضلعي ۾نياڻين جي تعليم کي عام ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪيون ۽ گرلس اسڪولن کولرائڻ لاءِ سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ مسلسل ويندو رهندو هو ۽ ڏينهن جا ڏينهن مسافرخانن ۽ ريلوي پليٽ فارمن تي رهي به اسڪول منظور ڪرائيندو رهيو. 1987ع ۾کيس ڳوٺ جي مسجد پرائمري اسڪول ۾ پيش امام مقرر ڪيو ويو، پر هن ان پگهار مان پرائمري اسڪول ۾ خانگي استاد رکيو ۽ پگهار ان کي ڏيندو رهيو. حاجي عبدالستار 2009ع ۾ حج جو فريضو ادا ڪيو. هن وقت به اسڪولن جي عمارتن جي مرمت کان وٺي روڊن رستن جي تعمير ۽ سنڀال جو ڪم ڪندو رهي ٿو. ٻه ڀيرا عشر زڪوات ڪميٽيءَ جو چيئرمئن (1980ع) رهيو آهي ۽ گڏوگڏ ڳوٺ سڌار تنظيم جو منتظم به رهيو آهي. زڪوات ڪميٽيءَ جي چيئرمينن شپ دوران سوين بيواهه عورتن کي سلائيءَ جون مشينون ۽ وظيفا ڏياريائين. هن وقت پيرسنيءَ واري حالت ۾ به ساڳئي جذبي سان خدمت جاري رکندو پيو اچي.


لفظ حاجي عبدالستارھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو